اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب جي شاهد اسحاق ڊار

ishaq dar

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب جي شاهد اسحاق ڊار، سندس گهر واري ۽ ڪمپنين جي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي دوران پنج شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جڏهن ته ڇهين شاهد جو بيان رڪارڊ نه سگهيو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير جي سربراهي ۾ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.

نيب جي شاهد ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن لاهور محمد نعيم، نيب لاهور جو بئنڪنگ ايڪسپرٽ ظفر اقبال ۽ اڳوڻو نادرا جو ڊائريڪٽر قابوس عزيز پيش ٿيا. 

نيب جي شاهدن عدالت ۾ اسحاق ڊار، سندس گهر واري ۽  ڪمپنين جي بئنڪ اڪائونٽس جا چئن صفحن تي ٻڌل تفصيل به پيش ڪيا ويا.

شاهد محمد نعيم عدالت کي ٻڌايو ته 15 آگسٽ تي نيب لاهور طرفان خط مليو آهي ۽ 22 آگسٽ تي نيب لاهور ۾ جاچ آفيسر سامهون پيش ٿيو، جنهن ۾ اسحاق ڊار ۽ سندس ڪٽنب جي ميمبرن بابت پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو ويو.

ٻئي شاهد ظفر اقبال پنهنجو بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ويو ته آگسٽ 2017ع تي اسحاق ڊار، سندس ڪٽنب جي ميمبرن ۽ ڪمپنين جي اڪائونٽ جا تفصيل طلب ڪيا ويا، اسٽيٽ بئنڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ طلبي لاءِ مختلف بئنڪن کي نوٽيس جاري ڪيا.

رپورٽ موجب اسحاق ڊار، سندس گهر واري ۽ ڪمپني جا 15 بئنڪ اڪائونٽس آهن جنهن ۾ 9 اڪائونٽس البرڪا بئنڪ ۾ هئا، البرڪا بئنڪ ۾ موجود اڪائونٽس مان 8 ڪمپني جڏهن ته هڪ تبسيم اسحاق جو هو.  

شاهد ظفر اقبال جو چوڻ هو ته الائيڊ بئنڪ پارليامينٽ هائوس برانچ ۾ اسحاق ڊار جي اڪائونٽ ۾ 8 ڪروڙ 46 لک 78 هزار 10 رپيه موجود هئا، اسحاق ڊار جي بئنڪ الفلاح اڪائونٽ ۾ 49 لک 77 هزار 781 رپيا موجود هئا،

شاهد بيان قلمبندڪرائيندي چيو ته حبيب بئنڪ جي اڪائونٽ ۾ 58 لک 83 463 رپيه موجود هئا. اسحاق ڊار، سندس گهر واري ۽ ڪمپنين جي اڪائونٽس جي بئنڪ ڪريڊٽ ان فلوز رپورٽ تيار ڪئي جڏهن ته اڪائونٽس جي حوالي سان ڄاڻ اسٽيٽ بئنڪ ذريعي حاصل ڪئي ۽ جاچ آفيسر نيب جي آفيسر اقبال حسن ۽ عبيد سائمن جي موجودگيءَ ۾ منهنجو بيان قلمبند ڪيو. 

اڳوڻي ڊائريڪٽر نادرا قابوس عزيز بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته نادرا چيئرمين جي هدايت تي 21 آگسٽ 2017ع تي نيب لاهور ۾ پيش ٿيو، نيب کي اسحاق ڊار جي فيملي ٽري بابت دستاويز پيش ڪيا. اسحاق ڊار جي نياڻي صديقه عادل رانا جي حوالي سان ذاتي ڄاڻ به فراهم ڪئي.

شاهد  محمد نعيم چيو ته تفصيل فراهم ڪرڻ بعد جاچ آفيسر منهنجي فراهم ڪيل دستاويزن جو سيزر ميمو تيار ڪيو ۽ بيان به قلمبند ڪيو.

ٻڌڻي دوران پنج شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جڏهن ته ڇهين شاهد جو بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو، عدالت ٻڌڻي 29 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*