گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن ۾ گهٽتائي اچي رهي اهي

maliha lodhi

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن ۾ گهٽتائي اچي رهي اهي، ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي کي حل نه ڪيو ويو ته ماڻهن جو گڏيل قومن تان اعتماد ختم ٿي ويندو.

گڏيل قومن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال بابت بحث دوران مليحه لوڌي چيو عالمي برادري فلسطيني پناهگيرن جي مدد لاءِ اڳتي اچي.

هن چيو ته تڪرارن ۾ شدت اچي رهي آهي ۽ نوان خطرا سامهون اچي رهيا آهن.

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني سفير چيو ته وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي.

هن چيو ته سڀ کان وڏي ڊونر طرفان فلسطينين جي امداد ۾ ڪٽوتي تي افسوس آهي.

مليحه لوڌي چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي کي حل نه ڪيو ويو ته گڏيل قومن تان ماڻهن  جو اعتماد ختم ٿي ويندو…………

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*