لاهور هاءِ ڪورٽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي نااهلي قرار ڏيڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

Shaikh-Rasheed-12816

لاهور هاءِ ڪورٽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي نااهلي قرار ڏيڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته شيخ رشيد استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪري ان تي عمل نه ڪيو آهي، عوام سان ڪوڙ ڳالهائڻ آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي ڀڃڪڙي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شيخ رشيد متحده اپوزيشن جي جلسي دوران استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ان تي عمل ناهي ڪيو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شيخ رشيد عوام سان ڪوڙ ڳالهايو آهي، جيڪا آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي ڀڃڪڙي آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته شيخ رشيد کي عوام سان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي   ايم اين اي  جي سيٽ تان نااهل قرار ڏنو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ شيخ رشيد خلاف داخل ڪرايل نااهلي واري درخواست ٻڌڻي جوڳي نه هئڻ ڪري رد ڪري ڇڏي آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*