سپريم ڪورٽ نقيب قتل ڪيس ۾ رائو انوار کي 3 ڏينهن اندر گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

naqeeb ullah

سپريم ڪورٽ نقيب قتل ڪيس ۾ رائو انوار کي 3 ڏينهن اندر گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ڊي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي کان پرائيويٽ جهاز ۾ رائو انوار جي سفر ڪرڻ جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه، ايڊيشنل آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي عدالت ۾ پيش ٿيا اڳوڻو ايس ايس پي ملير پر رائو انوار طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيو.

 نقيب الله قتل جي جاچ ڪميٽي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسان رائو انوار کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، ڇا رائو انوار عدالت ۾ آهي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه عدالت کي ٻڌايو ته هو روپوش آهي.

چيف جسٽس ٻيهر چيو ته رائو انوار کي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ها، توهان رائو انوار کي گرفتار ڪرڻ جي ڪهڙي ڪوشش ڪئي؟

آءِ جي سنڌ عدالت کي رائو انوار جي گرفتاري بابت قدمن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اسان رائو انوار کي هر طرح سان گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪا آهيون، جيستائين رائو انوار اسلام آباد ۾ هيو ڪيس داخل نه ٿيو  هو.

چيف جسٽس ايوي ايشن اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا رائو انوار خانگي جهاز ۾ ته سفر نه ڪيو آهي، ٻڌايو ته  رائو انوار 15 ڏينهن اندر پرڏيهه ته سفر ناهي ڪيو ؟ سمورا چارٽر جهاز رکندڙ مالڪ حلف ناما پيش ڪن.

چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته هتي به وڏا وڏا لڪائيندڙ موجود آهن، آءِ جي صاحب ٻڌايو ڪراچي ۾ ڪنهن رائو انوار کي لڪايو ته ناهي، ائين ته ناهي جو رائو انوار جتي ويو اتي توهان جي پهچ ناهي.

عدالت آءِ جي سنڌ کي چيو ته توهان آزادي سان ڪم ڪيو ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه اچو، اسان ايماندار آفيسرن کي ناڪام ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان کي ٻڌايو توهان کي ڪيترو وقت گهرجي.

آءِ جي سنڌ چيو ته مان وقت نه ٿو ڏئي سگهان، سندس گرفتاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.

عدالت جي پڇاڻي تي آءِ جي سنڌ سپريم ڪورٽ کان رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ٽن ڏينهن جو وقت طلب ڪري ورتو.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ٺيڪ آهي ٽن ڏينهن اندر رائو انوار جي گرفتاري يقيني بڻائي وڃي، مون کي پوليس تي اعتبار آهي، پوليس ۾ سٺا آفيسر آهن.

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته  نقيب الله قوم ۽ اسان جو ٻچو هو، اسان رياست کي قتل عام جي اجازت نه ڏينداسين.

عدالت نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي……

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*