پاڪستان پهتل انڊونيشين صدر جوڪو ودودو چيو آهي ته پاڪستان سان دوستي کان به وڌيڪ ويجهڙائپ وارا لاڳاپا چاهيون ٿا

indonesian president ith pm shahid khaqan at islamabad

پاڪستان پهتل انڊونيشين صدر جوڪو ودودو چيو آهي ته پاڪستان سان دوستي کان به وڌيڪ ويجهڙائپ وارا لاڳاپا چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف معاملن تي سهڪار جاري رکيو ويندو.

ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتل انڊونيشن صدر جوڪو ودودو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

صدر جوڪو ودودو جو چوڻ هو ته انڊونيشيا پاڪستان سان دوستي کان به وڌيڪ ويجهڙائپ وارا ڳالاپا چاهي ٿو.

انڊونيشين صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان سان توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار جاري رکيو ويندو.

ان موقعي تي پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ايل اين جي ۽ پيٽرول سميت ٻين معاهدن تي صحيح ڪيون ويون، جنهن بعد انڊونيشن صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*