پنو عاقل ۽ موهن جي دڙي ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻن عورتن سيمت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

Accident-Road-27217

پنو عاقل ۽ موهن جي دڙي ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻن عورتن سيمت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي مختلف اسپتالن ۾ پهچايو ويو.

پنو عاقل ويجهو قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو.

قومي شاهراهه سانگي وٽ تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار روشن چانڊيو فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.

جنهن بعد پنو عاقل پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  لاش  اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، ٻئي طرف پنو عاقل پوليس ٽرالر حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

موهن جي دڙي ويجهو  ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب  ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ايئرپورٽ روڊ تي ساريا پمپ وٽ ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن مصرت، انور خاتون ۽ هڪ نوجوان ضمير احمد کوکر زخمي ٿي پيا، جن کي ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ٻئي طرف  پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ حراست ۾ وٺي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*