سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه پاران ٺيڙهي باءِ پاس حادثي تي ڏک جو اظهار رپورٽ طلب

خيرپور ڀرسان ٺيڙهي باءِ پاس تي هانءُ ڏاريندڙ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت فوت ٿيلن جو انگ 57  ٿي ويو، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زخمي آهن، حادثي تي صدر پاڪستان، گورنر سنڌ ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران ڏک جو اظهار ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.

سوات کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 57 مسافر فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

          امدادي ٽيمن ۽ موٽر وي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي بدنصيب فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍي سول اسپتال پهچايو، جڏهن ته سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

           ايم ايس سول اسپتال ڊاڪٽير جعفر سومرو موجب 21مرد، 17 عورتون، 12 نينگريون ۽ 7 معصوم ٻارڙن جا لاش سول اسپتال آندا ويا آهن، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

       ايم ايس موجب زخمين مان 6 ڄڻڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن جو آپريشن ڪيو پيو وڃي.

زخمين ۾ مير ياور، مسمات اڪبر زادي، حميده، تشڪيل محمد، نعمان، صاحبزادي، سهراب خان، يونس، آدم شير،۽ مسمات سلمه شامل آهن.

      اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪوچ مان ڪيترن ئي مسافر جا چچريل حالت ۾ لاش ڪڍيا ويا، جن جا عضوا بس ۾ ڦاٿل آهن.

ڊي سي خيرپور منور علي مٺياڻي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته  انتهائي افسوسناڪ حادثو پيش آيو آهي، هنگامي حالتون لاڳو ڪري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

انتظاميا طرفان مسجدن ۽ امام بارگاهن مان اعلان ڪري شهرين کي رت جي عطئي جي اپيل ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب موڙ ڪاٽيندي ٽرالر ۽ ڪوچ ۾ آمهون سامهون حادثو پيش آيو آهي ۽ ڪوچ ۾ 80 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوچ ڊرائيور جي جميل احمد طور سڃاڻپ ٿي آهي، جڏهن ته فوتين جي هيل تائين سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

اسپتال انتظاميه  جو چوڻ  آهي ته زخمين ۽ فوتين جي  معلومات وٺڻ لاءِ وارث 02439280153 نمبر تي رابطو ڪري سگهن ٿا.

خيرپور حادثي تي صدر ممنون حسين گورنر سنڌ ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار ڪندي امدادي ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سي ون 30 جهاز  ذريعي مڙهه وارثن تائين پهچائڻ جو اعلان ڪندي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*