بالي ووڊ سپر اسٽار پريانڪا چوپڙا جي فلم بَي واچ ” بدترين فلم جي ايوارڊ لاءِ نامزد ٿي وئي آهي

   prinkya chopra

    بالي ووڊ سپر اسٽار پريانڪا چوپڙا جي فلم بَي واچ ” بدترين فلم جي ايوارڊ لاءِ نامزد ٿي وئي آهي، “بَي واچ” فلم پريانڪا چوپڙا جي پهرين هالي ووڊ فلم آهي.

            ميڊيا موجب 38 هين گولڊن رسبيري ايوارڊ جي نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن موجب سال جي بدترين فلمز واري ڪٽيگري ۾ پريانڪا چوپڙا جي فلم “بَي واچ” به شامل آهي.

            رپورٽ موجب فلم کي بدترين ري ميڪ لاءِ هن ڪٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

             واضح رهي تي هي فلم دراصل 1989 ع جي مشهور ٽي وي سيريز بي واچ جو سيڪوئل آهي.

             اداڪارا پريانڪا چوپڙا 2015 ع ڌاري ٽي وي سيريز “ڪوانٽيڪو” ذريعي هالي ووڊ ۾ قدم رکيو هو، جڏهن ته گذريل سال هن پهرين هالي ووڊ فلم ۾ ڪم ڪيو، جنهن کي بدترين فلم جي ڪٽيگري لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*