لاڙڪاڻي ۾ 5 ڏينهن اڳ بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان پاران سرڪاري خرچ تي علاج نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

larkana soside

لاڙڪاڻي ۾ 5 ڏينهن اڳ بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان پاران سرڪاري خرچ تي علاج نه ٿيڻ خلاف  احتجاج ڪيو ويو.

شاهه بهارو ڪالوني جي رهواسي محمد علي شيخ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي بيروزگار نوجوان چيو ته ضلعي چئرمين خان محمد پاران سرڪاري علاج جو اعلان ڪرڻ باوجود علاج نه ڪرايو ويو، جنهن سبب پنهنجن پئسن سان علاج ڪرائڻو ٿو پوي.

هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي روزگار ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*