دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله ڪيس ۾ ملوث 6 پوليس اهلڪارن کي ستن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

ATC-Karachi-171016

دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله ڪيس ۾ ملوث 6 پوليس اهلڪارن کي ستن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

نقيب الله قتل ڪيس ۾ سب انسپيڪٽر محمد ياسين، اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر فرحت حسين، اي ايس آءِ الله يار، هيڊ ڪانسٽيبل خضر حيات، هيڊ ڪانسٽيبل محمد اقبال ۽ ڪانسٽيبل ارشد علي کي گرفتار ڪيو ويو هو.

پوليس سمورن گرفتار ٿيل اهلڪارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي 14 ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن شروعاتي جاچ ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، وڌيڪ ثبوتن لاءِ ريمانڊ ڏنو وڃي.

عدالت جوابدارن جي ستن ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست منظور ڪندي کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*