خيرپور ۾ وڪيل برادري پاران ٽن وڪيلن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

khairpur wakeel

خيرپور ۾ وڪيل برادري پاران ٽن وڪيلن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

وڪيلن فرمان قناصرو، سيد جعفر شاهه، حفيظ چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بار کان ايس ايس پي آفيس تائين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ وڪيلن چيو ته جوابدارن وڪيل اڳواڻن صاحب خان، محمد اشرف، نظير قناصرو کي بيگناهه گوليون هڻي قتل ڪيو، پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو.

هنن چيو ته وڪيلن جي قتل جو  ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته وڪيلن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ خيرپور پوليس خلاف تحريڪ شروع ڪئي ويندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*