ماتلي ۽ ڪوٽڙي ۾ ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ رينجرز جوان سميت 2 ڄڻا فوت ٿي وياآهن

Accident-Road-27217

ماتلي ۽ ڪوٽڙي ۾ ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ رينجرز جوان سميت 2 ڄڻا فوت ٿي وياآهن.

ماتلي جي انصاري شگر مل ڀرسان ڪمند ڀريل ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ پنجاب واسي مزدور اقبال فوت ٿي ويو.

ڪوٽڙي جي ريلوي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر لڳڻ جي  نتيجي ۾موٽر سائڪل سوار رينجرز جو جوان راجا شورو فوت ٿي ويو.

فوتي نوجوان ڪوٽڙي جي صحافي حسين شوري جو فرزند هو، مهينو اڳ سندس شادي ٿي هئي، لاش پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*