بالي ووڊ اسٽار رنبير ڪپور جي والدين پدماوت ۾ ڪردار تي دپيڪا پڊوڪون جي تعريف ڪئي ۽ کيس گلدستي سميت ڪارڊ موڪليو

ranbir-depika

بالي ووڊ اسٽار رنبير ڪپور جي والدين پدماوت ۾ ڪردار تي دپيڪا پڊوڪون جي تعريف ڪئي ۽ کيس گلدستي سميت ڪارڊ موڪليو، دپيڪا سندن ٿورو مڃيندي سندن تحفي کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو.

 بالي ووڊ اسٽار دپيڪا پڊوڪون جي پدماوت ۾ ڪردار جي هر طرف ساراهه ٿي رهي آهي، اتي اداڪار رنبير ڪپور جي والدين نيتو ۽ رشي ڪپور به سندس تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا ۽ کيس  ڪارڊ سميت گلدستو موڪليو، جنهن تي دپيڪا تحفي جي تصوير پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي ۽ ٻنهي جو ٿورو مڃيو.

اداڪارا دپيڪا پڊوڪون جي فلم پدماوت هلندڙ مهيني جي 25 تاريخ تي رليز ڪئي وئي هئي، جنهن کي فلم بينن پاران بهتر موٽ ملي رهي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*