پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ هر سال اڍائي ارب رپيا رينجرز تي خرچ ڪري رهي آهي

fawad chodhary

پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ هر سال اڍائي ارب رپيا رينجرز تي خرچ ڪري رهي آهي پر پوليس کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪي پي ۾ پوليس کي ٺيڪ ڪيو اڳ ۾ اتي به ڪوڙا پوليس مقابلا ٿيندا هئا.

ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي رهائشاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فواد چوڌري چيو ته ڪراچي ۾ ڌاري آبادي جي مخالفت ڪرڻ ٽرمپ جي پاليسين جي پوئواري ڪرڻ آهي، ڪراچي انٽرنيشنل سٽي آهي، هتي ڪنهن جي به اچڻ تي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽي هڪڙي سڪي جا ٻه پاسا آهن، آصف زرداري سينيٽ جي اليڪشن ۾ بلوچستان ۾ جيڪي ڪجهه ڪري رهيو آهي، اها جمهوريت جي خدمت ناهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ اڍائي ارب رپيا رينجرز تي خرچ ڪيا وڃن ٿا، سنڌ حڪومت پوليس ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ تيار ناهي.

هن چيو ته ڪراچي پوليس ۾ ڏوهاري ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ايم پي اي ۽ اين اين اي جي سفارشن تي ڀرتيون ڪيون ويون آهن.

سندس چوڻ هو ته نقيب الله جي قتل جي جاچ ڪري قتل پٺيان مافيا جي هٿن کي عوام آڏو پڌرو ڪيو وڃي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پوليس سڌارا آندا ويا آهن، سنڌ جو آءِ جي اي ڊي خواجه به چوي ٿو ته سنڌ ۾ ڪي پي ڪي جهڙو پوليس نظام آندو وڃي.

هن چيو ته وفاق اين ايف سي جي مد ۾ ڪي پي ڪي جو حصو هڙپ ڪري رهيو آهي، پاڻي ۽ گئس جي رائلٽي پڻ نه ٿي ڏني وڃي.

ان موقعي تي ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ڪالاباغ ڊيم تي اسان جي واضح پاليسي آهي، جيستائين چئني صوبن ۾ اتفاق راءِ پيدا نه ٿو ٿئي، تيستائين ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*