لاڙڪاڻي ۾ گذريل رات پوليس سب انسپيڪٽر جي گاڏي هيٺان چيڀاٽجي فوت ٿيل 2 نوجوانن ۽ 6 زخمي ٿيل شهرين جي وارثن

larkana sub inspector

لاڙڪاڻي ۾ گذريل رات پوليس سب انسپيڪٽر جي گاڏي هيٺان چيڀاٽجي فوت ٿيل 2 نوجوانن ۽ 6 زخمي ٿيل شهرين جي وارثن

واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

وارثن نور احمد  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پراڻي بس اسٽينڊ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته پوليس سب انسپيڪٽر شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي اسان جي نوجوانن کي ماريو آهي، جنهن جو اڃا تائين قتل ڪيس داخل نه پيو ڪيو وڃي، اها سندن زيادتي آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس سب انسپيڪٽر خلاف ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*