نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميهڙ ۾ يوسي چئرمين ڪرم الله چانڊئي ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ سردار خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان چانڊيو جي ضمانت منظور ڪندي

Nosheroferoz map

نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميهڙ ۾ يوسي چئرمين ڪرم الله چانڊئي ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ سردار خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان چانڊيو جي ضمانت منظور ڪندي کين 5 -5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 2 فيبروري تائين  ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ قتل ٿيل يوسي چئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،عدالت ٻنهي جوابدارن ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ جي ضمانت منظوري ڪئي.

عدالت ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان چانڊيو کي 5 -5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 فيبروري تائين ملتوي ڪندي ٻنهي ڌرين کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*