مردان ۾ 8 ورهين جي نينگري سان مبينا زيادتي ڪئي وئي آهي

Mardan-Map-6-8

مردان ۾ 8 ورهين جي نينگري سان مبينا زيادتي ڪئي وئي آهي، پوليس سندس پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

مردان جي خرڪئي واري علائقي ۾ 8 ورهين جي نينگري سان مبينا زيادتي ڪئي وئي، جنهن کي طبي معائني لاءِ  اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڊاڪٽرن جو چوڻ  آهي ته نينگري جي طبي معائنو ڪيو  ويو آهي، رپورٽ  اچڻ بعد ئي زيادتي جي تصديق ٿي سگهندي.

هوڏاهن پوليس پوليس متاثر ناري جي پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب، ناري کي مبينا طور ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندڙ جي عمر 47 وريهه آهي، کانئس وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي  وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*