آمريڪي سنگر برنو مارس گريمي ايوارڊس تي ڇائنجي ويو، هن 6 مختلف ڪٽيگريز لاءِ ايوارڊ حاصل ڪيا

gramhy award america

             آمريڪي سنگر برنو مارس گريمي ايوارڊس تي ڇائنجي ويو، هن 6 مختلف ڪٽيگريز لاءِ ايوارڊ حاصل ڪيا، تقريب ۾ هيلري ڪلنٽن پاران آمريڪي صدر ٽرمپ تي لکيل ڪتاب جي تحرير پڙهڻ تي صورتحال دلچسپ ٿي وئي.

             آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ 60 هين گريمي ايوارڊس جي رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي.

             ان موقعي تي آمريڪي سنگر ۽ پروڊيوسر برنو مارس مختلف ڪٽيگريز ۾ 6 ايوارڊس حاصل ڪري ميلو لٽي ورتو.

             برنو مارس کي البم آف دي ايئر، رڪارڊ آف دي ايئر، سانگ آف دي ايئر ۽ ٻين ايوارڊس سان نوازيو ويو.

            ٻئي نمبر تي ڪينڊرڪ لامار رهيو، کيس 3 ايوارڊ سان مليا، جڏهن ته اِي شيران 2 ايوارڊس سان ٽئين نمبر تي رهيو.

               تقريب ۾ ان وقت ماحول دلچسپ بڻجي ويو، جڏهن اسڪرين تي رڪارڊ ڪيل هڪ ويڊيو ڏيکاري وئي، جنهن ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ بابت لکيل ڪتاب مان مختلف شخصيتن تحريرون پڙهيون.

             آمريڪي ڊيموڪريٽڪ پارٽي اڳواڻ هيلري ڪلنٽن به فائر اينڊ فيوري مان صدر ٽرمپ جي مڪ ڊونلڊ تي وڃڻ بابت تحرير پڙهي، جنهن تي تقريب هال ۾ ٽهڪڙا مچي ويا.

                 گريمي ايوارڊس کي موسيقي جي دنيا جو سڀ کان معتبر ايوارڊ مڃيو ويندو آهي، تقريب هر سال جنوري جي آخر ڌاري منعقد ڪئي ويندي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*