ٽائون ڪميٽي مڪلي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ کانپوءِ وائيس چيئرمين آفيس نه ملڻ جو الزام هڻندي مين روڊ جي ڀرسان تنبو لڳائي آفيس کولي ڇڏي آهي

thatta

ٽائون ڪميٽي مڪلي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ کانپوءِ وائيس چيئرمين آفيس نه ملڻ جو الزام هڻندي مين روڊ جي ڀرسان تنبو لڳائي آفيس کولي ڇڏي آهي.

ٽائون ڪميٽي مڪلي جي وائيس چيئرمين غلام رسول خشڪ مڪلي تي ڊي سي آفيس ويجهو پبلڪ پارڪ مڪلي لڳ مين قومي شاهراهه ڀرسان تنبو لڳائي پنهنجي آفيس قائم ڪري ڪم اڪلائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

وائيس چيئرمين جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي جي آفيس ۾ کيس آفيس نه ڏني ويئي ۽ فنڊن جي معاملي تي کيس اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي.

غلام رسول خشڪ  چيو ته هن پنهنجي خرچ تي احتجاج طور روڊ تي آفيس قائم ڇڏي آهي.

ٻئي طرف ٽائون ڪميٽي چيئرمين پير زين العابدين اهڙن الزامن کي رد ڪندر چيو آهي ته ٽائون آفيس ۾ وائيس چيئرمين سميت سموري اسٽاف لاءِ آفيس بلاڪ قائم ٿيل آهي، پر خبر ناهي وائيس چيئرمين اهڙو عمل ڪنهن جي چوڻ تي ڪيو آهي.

 شهرين جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن ۾ ڌڙابندي سبب اها صورتحال ٽائون ڪميٽي ۾ پڻ پيدا ٿي وئي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*