اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ ريفرنسز ۾ نيب جي وڌيڪ ڇهن شاهدن پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيا

Ishaq-Dar-21117

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ  ريفرنسز ۾ نيب جي وڌيڪ ڇهن شاهدن پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيا، ڪمشنر ان لينڊ روينيو اسحاق ڊار جي اثاثن جي اوچتي واڌ جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪندي چيو آهي ته اسحاق ڊار جي ملڪيٽ ۾ 16 سالن دوران 91 سيڪڙو واڌ ٿي.

 اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنسز جي ٻڌڻي جج محمد بشير ڪئي.

احتساب عدالت ۾ نيب جي 6 شاهدن شڪيل انجم، ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب اقبال حسن، عمر دراز گوندل، محمد اشتياق، ڊسٽرڪٽ آفيسر انڊسٽريز اصغر حسين ۽ نيب اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز ۽ منظور بيان قلمبند ڪرايا.

 نيب جي شاهد شڪيل انجم عدالت کي بيان ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي ريڪارڊ لاءِ رڪارڊ لاءِ سپريم ڪورٽ کي 10 آگسٽ تي خط لکيو، 15 آگسٽ تي ٻيهر درخواست  به ڏني.

نيب جي شاهد عدالت کي ٻڌايو ته جي آءِ ٽي جي تصديق ٿيل رڪارڊ لاءِ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڏني، سپريم ڪورٽ 17 آگسٽ 2017ع تي ڪورنگ ليٽر ڏنو، جنهن تي اسسٽنٽ رجسٽرار جي صحيحي موجود نه هئي.

شڪيل انجم چيو ته سپريم ڪورٽ واليم هڪ کان 10 تائين جون 3 ڪاپيون ڏنيون، سپريم ڪورٽ مان ملندڙ رڪارڊ مان هڪ ڪاپي کڻي جاچ آفيسر لاهور آڏو پيش ٿيس ۽ پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو.

ٻئي طرف شاهد ڊپٽِ ڊائريڪٽر نيب اقبال حسن عدالت کي ٻڌايو ته بينڪنگ ايڪسپرٽ ظفر اقبال بينڪ ڪريڊٽ رپورٽ 31 آگسٽ تي تيار ڪئي.

نيب جي شاهد چيو ته بينڪ ڪريڊٽ جي رپورٽ 4 صفحن تي ٻڌل هئي، جاچ آفيسر رڪارڊ منهنجي سامهون بند ڪيو.

شاهد  عمران دراز گوندل عدالت کي ٻڌايو ته جاچ آفيسر جي هدايت تي طلبي سمن کڻي اسحاق ڊار جي گلبرگ واري رهائش گاهه تي پهتس ته اتي موجود پوليس ڪانسٽيبل ٻڌايو ته اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ ترسيل آهي. جنهن بعد سمن واپس جاچ آفيسر  جي حوالي ڪيو.

نيب جي چوٿين شاهد ڪمشنر ان لينڊ روينيو لاهور اشتياق احمد اسحاق ڊار جي 1979 کان 1993 تائين ۽ 2009 کان 2016  تائين جي ٽيڪس رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو.

اسحاق ڊار جي اثاثن جو رڪارڊ پيش ڪندي اشتياق احمد انڪشاف ڪيو ته جون 1993 ۾ اسحاق ڊار جي اثاثن ۾ 91 لک 12 هزار کان وڌيڪ هئا، جيڪي جون 2009 تائين 83 لرپڙ 16 لک 78 هزار کان وڌي ويا هئا.

نيب جي پنجين شاهد ڊسٽرڪٽ آفيسر اصغر حسين عدالت کي ٻڌايو ته هجويري آرنگ ٽرانسپلانٽ ٽرشٽ جي ڊائريڪٽرز جا تفصيل نيب کي فراهم ڪيا.

اصغر حسين ٻڌايو ته ڊائريڪٽرز جي سڃاڻپ ڪارڊز جي ڪاپيون به نيب کي ڏنيون، اسحاق ڊار هجويري آرگن ٽرانسپلانٽ ٽرسٽ جو صدر هو.

نيب جي ڇهين شاهد اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زوار منظور عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي سامهون اشتياق احمد اسحاق ڊار جو ٽيڪس رڪارڊ جاچ آفيسر کي جمع ڪرايو.

زاور منظور چيو ته سعيد احمد، واصف حسين، قمر زمان، شير دل، شاهد عزيز، محمد نعيم، ارق جاويد جو بيان منهنجي موجودگي ۾ قلمبند ڪيو ويو.

نيب جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته عبدالرحمان گوندل ۽ فيصل شهزاد به منهنجي موجودگي ۾ پيش ٿيا.

نيب عدالت کان استدعا ڪئي ته ايس اي سي پي جي سدره منصور، سلمان سعيد کي پيش ڪرڻ چاهيون ته جيڪي اسحاق ڊار جي ڪمپنين بابت رڪارڊ جمع ڪرائيندا.

احتساب عدالت شاهدن کي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جڏهن ته نيب جو شاهد انعام الرحمان بيماري سبب اڄ پنهنجو بيان قلمبند نه ڪرائي سگهيو.

عدالت اسحاق ڊار خلاف نيب ريفرنس ۾ نيب جي ٻين شاهدن کي سڀاڻي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي سڀاڻي  ساڍي 12 تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*