بالي ووڊ فلم پدماوت ڀارت بعد آمريڪا ۾ به ڌاڪو ڄمائي ورتو

padmavat

بالي ووڊ فلم پدماوت ڀارت بعد آمريڪا ۾ به ڌاڪو ڄمائي ورتو، پهرين هفتي وڌيڪ بزنس ڪندڙ بالي ووڊ فلم جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

اتر آمريڪا جي باڪس آفس رپورٽ موجب فلم پدماوت پنهنجي رليز جي پهرين ڏينهن 11 لک 37 هزار ڊالرز کان وڌيڪ بزنس ڪيو ۽ عامر خان جي فلم “ڌوم ٿري” کان گوءِ کڻي وئي.

جاري ٿيل ويڪ اينڊ رپورٽ موجب سنجي ليليٰ ڀنسالي جي تڪراري فلم 40 لک 4 هزار ڊالرز جو بزنس ڪري عامر خان جي هڪ وڌيڪ فلم “پي ڪي” جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب “پي ڪي” ان عرصي دوران 30 لک 6 هزار ڊالرز جو بزنس ڪيو هو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*