فلپائن ۾ ٻرندڙ جبل مان “لاوو” نڪرڻ بند نه ٿيو، ڀرپاسي جي علائقن مان 75 هزار رهواسي محفوظ هنڌن طرف منتقل ٿي ويا

philpine

فلپائن ۾ ٻرندڙ جبل مان “لاوو” نڪرڻ بند نه ٿيو، ڀرپاسي جي علائقن مان 75 هزار رهواسي محفوظ هنڌن طرف منتقل ٿي ويا، فلپائني صدر روڊرگو ڊُٽريٽ البَي صوبي پهچي حالتن جو جائزو ورتو.

 فلپائن جي البَي صوبي ۾ “مايُون” جبل مان لاڳيتو 2 هفتن کان “لاوو” نڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

حڪومت جي هدايت بعد لڳ ڀڳ 75 هزار علائقي واسي اتان محفوظ هنڌن طرف منتقل ٿي ويا آهن.

              فلپائني صدر روڊرگو ڊُٽريٽ البي صوبي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو.

                سندس صدارت هيٺ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس دوران کيس مقامي انتظاميا پاران بريفنگ ڏني وئي.

صدر حالتن جو نوٽيس وٺي انتظاميا کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*