شڪارپور ۾ 3 سال اڳ امام بارگاهه ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف خانپور ۾ مجلس وحدت المسلمين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

khanpur-11616

شڪارپور ۾ 3 سال اڳ امام بارگاهه ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف خانپور ۾ مجلس وحدت المسلمين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

اصغر سيٺار، قربان شاهه ۽ طاهر علي سيٺار جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن خانپور کان شڪارپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته 3 سال اڳ دهشتگردن شڪارپور جي امام بارگاهه مولا علي ۾ آپگهاتي حملو ڪري 65 نمازين کي شهيد ڪيو هو.

هنن چيو ته حڪومت سانحي ۾ ملوث دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

هنن چيو ته شڪارپور سانحي ۾ شهيد ٿي ويل نمازين جي وارثن سان سرڪار ڪو به انصاف نه ڪيو آهي ۽ سندن وارثن لاءِ اعلانيل نوڪريون نه ڏنيون ويون آهن، جيڪا ناانصافي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*