ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن شهيد ٿي ويل رينجرز اهلڪار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي

karachi map

ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن شهيد ٿي ويل رينجرز اهلڪار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.

شهيد سپاهي عبدالرئوف جي جنازي نماز رينجرز ڀٽائي هيڊڪوارٽرز ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد ۽ رينجرز جي ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

رينجرز ترجمان موجب شهيد سپاهي جي ميت تدفين لاءِ اباڻي علائقي ڏانهن رواني ڪئي وئي آهي.

گذريل ڏينهن لانڍي واري علائقي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي گولي لڳڻ سبب عبدالرئوف زخمي ٿيو هو جنهن اسپتال نيئندي دم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*