اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته سمورين عدالتن ۾ رڳو منهنجي خلاف ئي ڪيس هلي رهيا آهن

nawaz shareef

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته سمورين عدالتن ۾ رڳو منهنجي خلاف ئي ڪيس هلي رهيا آهن، نااهلي واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو نه ڪيو آهي.

احتساب عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته سپريم ڪورٽ هجي، هاءِ ڪورٽ يا ڪا ٻئي عدالت، هر هنڌ منهنجي خلاف ئي ڪيس هلي رهيا آهن.

نوازشريف چيو ته منهنجي خلاف ڪيس ڇو هلي رهيا آهن، ان جو سبب سڀني کي خبر آهي.

ان موقعي تي وزيراعظم جي ڌيءُ جي وڪيل امجد پرويز نيب طرفان ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس جي سلسلي ۾ داخل ڪيل ضمني ريفرنس جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي 28 جولاءِ 2017 واري فيلصي جي روشني ۾ نئون اثاثو سامهون اچڻ جي صورت ۾ داخل ٿي سگهي پيو.

وڪيل امجد پرويز چيو هت هن نام نهاد ضمني ريفرنس ۾ ڪو نئون اثاثو سامهون نه آيو  ۽ نه ئي گڏيل قانوني سهڪار تحت نيب ڪو سبب سامهون آڻي سگهي آهي.

مريم نواز جي وڪيل چيو ته ضمني ريفرنس داخل ڪري درخواستگذار اها ڳالهه مڃي رهيو آهي ته پهريون ريفرنس ڪمزور هو.

امجد پرويز چيو ته نئين ضمني ريفرنس ۾ ڪاغذ به سمورا پراڻا آهن، انهن ۾ ڪا به ذڪر جوڳا ثبوت شامل نه ڪيا ويا آهن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*