نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته نوازشريف جو سياسي قتل ڪيو ويو

talal chodhary

نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته نوازشريف جو سياسي قتل ڪيو ويو، اسان ڪنهن سان ڊيل يا رعايت نه پر اسان پنهنجو حق چاهيون ٿا.،

احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته اسان شين کي بگاڙڻ نٿا چاهيون پر انهن کي سڌارڻ چاهيون ٿا،

هن چيو ته معاملا سڌارڻ جو مطلب اهو نه سمجهيو وڃي ته اها اسان جي ڪمزوري آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته اسان ڊيل يا ڪا رعايت نا چاهيون، اسان رڳو پنهنجو چاهيون ٿا.

هن چيو ته اسان اهو حق چاهيون ٿا، جيڪو 70 سالن ۾ پاڪستان جي ووٽ کي نه مليو.

طلال چوڌري چيو ته عوام جنهن کي ووٽ ڏنو ته ڪنهن ان کي ڦاهي چاڙهي ڇڏيو ته ڪنهن وري سياسي قتل ڪيو، نوازشريف جو به سياسي قتل ڪيو ويو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*