قمبر ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان چانڊيو تي ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ خلاف عوامي فورم جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاج ڪيو ويو

kambar

قمبر ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان چانڊيو تي ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ خلاف عوامي فورم جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاج ڪيو ويو.

شهر ۾ هڙتال سبب سڀئي ڪاروباري مرڪز ۽ دڪان مڪمل طور بند رهيا.

نظيراحمد تنيو، شعبان شيخ ۽ محمد علي هڪڙي جي اڳواڻي ۾ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

  احتجاج ڪندڙن چيو ته ميهڙ واقعي جو ڪيس ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان خان تي داخل ڪرڻ غلط عمل آهي.

هنن چيو ته سردار  چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ جو ميهڙ واقعي سان ڪو به تعلق ناهي، کيس سياسي بنيادي تي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ تي داخل ڪيس ختم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*