ڊيرا مراد جمالي ويجهو ٽرين جي پٽڙي تي زوردار ڌماڪي سبب پٽجي ويل 4 فوٽ پٽڙي کي ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي

Dera-Murad-Jamali-29517

ڊيرا مراد جمالي ويجهو ٽرين جي پٽڙي تي زوردار ڌماڪي سبب پٽجي ويل 4 فوٽ پٽڙي کي ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ ايف سي اهلڪارن ٽرين جي مسافرن کي سخت سيڪيورٽي هيٺ  محفوظ هنڌ تي پهچايو.

ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ بولان ايڪسپريس جون ٻه بوگيون ڌماڪي سبب پٽڙي تان لهي ويون ،جنهن سبب هڪ مسافر زخمي ٿيو پيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ ريلوي جي پٽڙي اکڙي وڃڻ سبب ٽرينن جي آمدرفت معطل ٿي وئي،  جنهن کي بحال ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پٽڙي مرمت کانپوءِ ٽرينن جي روانگي بحال ٿي وئي آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٽرين جون بوگيون پٽڙي تان لهڻ سبب مسافرن کي سخت سيڪيورٽي هيٺ محفوظ هنڌ تي پهچايو ويو  جڏهن ته ٽرين جي بحالي بعد مسافرن کي ٽرين ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

 ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو جو چوڻ هو ته هو امدادي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*