آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته افغانستان ۾ مصنوعي ڊيڊلائينز ٻڌائي دشمن کي هوشياري نه وٺرائينداسين، اتر ڪوريا جِي جوهري هٿيارن تائين پهچ آمريڪا لاءِ خطرو آهي

donald trump

آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته افغانستان ۾ مصنوعي ڊيڊلائينز ٻڌائي دشمن کي هوشياري نه وٺرائينداسين، اتر ڪوريا جِي جوهري هٿيارن تائين پهچ آمريڪا لاءِ خطرو آهي، داعش جي شڪست لاءِ ڪجهه وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا.

 آمريڪي صدر ٽرمپ پهريون ڀيرو اسٽيٽ آف يونين کي خطاب ڪيو.

 ان موقعي تي صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪي فوج افغانستان ۾ نئين ضابطن تحت جنگ وڙهي رهي آهي، مصنوعي ڊيڊلائنز ٻڌائي افغانستان ۾ دشمن کي هوشياري نه وٺرائينداسين.

صدر ٽرمپ چيو ته گوانٽاناموبي جيل کليل رهندو، ڪانگريس ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته داعش ۽ القائده خلاف جنگ ۾ اسان دهشتگردن کي گرفتار ڪري سگهون، پرڏيهي ملڪن مان گرفتار ٿيل دهشتگردن سان دهشتگردن جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي.

امريڪي صدر چيو ته داعش خلاف اتحاد عراق ۽ شام جو 100 سيڪڙو حصو آزاد ڪرائي ورتو آهي، جنهن تي فخر آهي پر داعش کي شڪست لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا.

 اتر ڪوريا بابت سندس چوڻ هو ته پيانگ يانگ جي جوهري هٿيارن تائين پهچ آمريڪا لاءِ خطرو آهي، ان معاملي تي اڳوڻي انتظاميا جون غلطيون نه ورجايون وينديون.

پنهنجي خطاب دوارن هن روس ۽ چين کي آمريڪي مفاد لاءِ خطرو قرار ڏنو ۽ چيو ته آمريڪا کي پنهنجي جوهري هٿيارن کي جديد ۽ طاقتور بڻائڻو پوندو ته جيئن ڪنهن به ملڪ جي جارحيت کي روڪي سگهجي.

 يروشلم مامري تي ڳالهائيندي صدرٽرمپ چيو ته هن يروشلم کي اسرائيل جو گادي وارو شهر تسليم ڪيو ۽ گڏيل قومن آمريڪا خلاف ٺهراءَ منظور ڪيو.

 هن چيو ته آمريڪي ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو امريڪا جي دوستن کي امداد جي مد ۾ ڏنو ويندو، دشمن کي نه ملندو.

صدر ٽرمپ چيو ته ڪانگريس کي گهرجي ته اميگريشن نظام مان خاميون دور ڪري جن ذريعي ڪرمنل گينگز ملڪ ۾ اچن ٿيون، هن چيو ته گينگز ملڪي قانون جي ڪمزور پاسن جو فائدو ورتو.

صدر ٽرمپ خطاب دوران ايران جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته جڏهن ايراني عوام ڪرپٽ حڪمرانن خلاف احتجاج ڪيو ته هنن سندن ساٿ ڏنو، هن ڪانگرس تي زور ڏنو ته ايراني جوهري معاهدي مان خاميون دور ڪيون وڃن………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*