اسلام آباد جي دهشت گردي جي انت واري عدالت پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملي سميت 4 ڪين ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي 8 فيبروري تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

Court-8317

اسلام آباد جي دهشت گردي جي انت واري عدالت پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملي سميت 4 ڪين ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي 8 فيبروري تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، کيس  هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت،عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اڳ ۾ ئي ضمانت منطور ڪري چڪي آهي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جج شاهه رخ ارجمند پارليامينٽ حملو، ايس ايس پي عصمت الله تشدد سميت چئن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي پيش ٿيو.

عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي 8 فيبروري تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس هڪ لک رپيا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته 2014 ع جي ڌرڻي ۾ ايس ايس پي تشدد، پي ٽي  وي ۽ پارليامينٽ تي حملي ڪيس ۾ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت ۽ عوامي تحريڪ سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري تي ڪيس داخل آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*