تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هارس ٽريڊنگ هڪ داغ آهي

shah muhamad qureshi

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هارس ٽريڊنگ هڪ داغ آهي، سينيٽ جي چونڊن لاءِ خريد ۽ وڪرو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ شفاف سياست کي هٿي ڏيارڻ جي ضرورت آهي، پيپلزپارٽي جو بلوچستان اسيمبلي ۾ هڪ به ميمبر نه آهي، پيپلزپارٽي 6 سينيٽرز ڪيئن چونڊيندي،

اسلام آباد ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سينيٽ چونڊن لاءِ خريد ۽ وڪري جو سلسلو ٿي  ويو آهي. ملڪ ۾ شفاف سياست کي هٿي ڏيارڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته مون تي ڌرڻي دوران سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، ڪيسن ۾ جيڪي الزام لڳايا ويا، اهي هٿ ٺوڪا آهن،

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته عدالت عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، اڄ پوليس آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندس.

هن چيو ته سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪرڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، اهڙي طرح سياسي ڪارڪنن لاءِ  سولائي پيدا ٿيندي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته سياست ۾ شفافيت ضروري آهي، 8 تاريخ تي ٻين اڳواڻن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيندس.

هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته طاهر القادري قانون کي مون کان وڌيڪ سمجهي ٿو. ضمانت نه ڪرائڻ جو فيصلو طاهر القادري جو پنهنجو آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پارٽي جو فيصلو آهي ته عدالتن ۾ پيش ٿي پنهنجي بي گناهي ثابت ڪيون، ادارن جو احترام اسان سڀني تي لازمي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*