سيوهڻ ڀرسان ڪار ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نينگر فوت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

سيوهڻ ڀرسان ڪار ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نينگر فوت ۽ ٽن  عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڀڳو ٽوڙو واري علائقي ۾ تيز رفتار ڪار جو چنگچي رڪشا سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ورهين جو امير سيد ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

حادثي جي نتيجي ۾ چنگچي ۾ سوار 3عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*