دنيا جو ڊگهي قد وارو مرد ۽ ننڍي قد واري عورت مصر جا احرام ڏسڻ لاءِ پهچي ويا

egypt rourism

دنيا جو ڊگهي قد وارو مرد ۽ ننڍي قد واري عورت مصر جا احرام ڏسڻ لاءِ پهچي ويا، سلطان ڪوسين ۽ جِيُوتي جي پهچڻ تي قديم آثارن واري ماڳ وٽ ماڻهن جو ميلو مچي ويو، ٻنهي کي مصر جي سياحت واري کاتي طرفان دوري جي خاص دعوت ڏني وئي هئي.

 ميڊيا موجب مصر جي سياحت واري کاتي طرفان ملڪ ۾ سياحت جي واڌاري لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ان سلسلي ۾سياحن جي توجهه لاءِ دنيا جي ڊگهي قد واري مرد ۽ ننڍو قد رکندڙ عورت کي دعوت ڏني وئي.

 ترڪي جو 35 سالا سلطان ڪوسين ۽ 25 سالا ڀارتي ناري جِيُوتي کاتي جي دعوت تي مصر جي احرامن واري ماڳ پهتا، جتي کين ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ سياح ٻنهي سان  سيلفيون ڪڍرائيندا رهيا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سلطان ڪوسين ۽ جِيوتي قديم تهذيب جي دوري کي بهتر تجربو قرار ڏنو.

گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ موجب سلطان ڪوسين جو قد 8 فٽ 3 انچ آهي ۽ جيوتي کي 2 فٽ 7 انچ قد سان دنيا جي ننڍي قد واري عورت قرار ڏنو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*