تنگواڻي مان سوا مهينو اڳ اغوا ٿيل مغوي نظام الدين کوسو ۽ عنايت الله گجراڻي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ شهرين علامتي بک هڙتال ڪئي

tangwani ahtjaj

تنگواڻي مان  سوا مهينو اڳ اغوا ٿيل مغوي نظام الدين کوسو ۽ عنايت الله گجراڻي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ شهرين علامتي بک هڙتال ڪئي.

شهري اتحاد جي اڳواڻن ۽ مغوين جي وارثن ڪفايت الله کوسو ۽ پيربخش بهلڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته 41 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مغوي نظام الدين کوسو ۽ عنايت الله گجراڻي کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.

هنن چيو ته پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ بدران رڳو ٺلها آسرا ڏئي رهي آهي. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي سميت ٻين اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*