ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي ۾ استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو

tando jam ustad protest

ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي ۾ استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.

فاپواسا  جي سڏ تي استادن ڊاڪٽر نعمت الله لغاري  ۽ ٻين ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ترميم ايڪٽ 2013 جي ٻيهر جوڙجڪ، پي ايڇ ڊي ڊگري نه رکندڙ وائيس چانسلر هٽائڻ، يونيورسٽين جي بجيٽ وڌائڻ، هائوسنگ اسڪيم، هارڊ شپ ڪيس اڪلائڻ، پي ايڇ ڊي الائونس ۾ اضافو ڪرڻ سميت ٻين مطالبن تي سنڌ حڪومت ۽ گورنر هائوس ڪنهن به قسم جي پيش رفت نه پيو ڪري.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*