لاهور هائيڪورٽ توهين عدالت درخواست تي نوازشريف، مريم نواز، ڪيپٽن صفدر ۽ ٻين نواز ليگ اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

Lahore-High-Court-81116

لاهور هائيڪورٽ توهين عدالت درخواست تي نوازشريف، مريم نواز، ڪيپٽن صفدر ۽ ٻين نواز ليگ اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

لاهور هائيڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز، ناٺي ڪيپٽن صفدر، راڻا ثناءُ الله ۽ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس شاهد ڪريم ايڊووڪيٽ اظهر صديق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته جڙانوالا جلسي ۾ نوازشريف، مريم نواز، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين اڳواڻن عدليا خلاف تقرير ڪئي، عدالت کي استدعا آهي ته نواز ليگ اڳواڻن خلاف توهين عدالت ڪارروائي ڪئي وڃي.

عدالت توهين عدالت جي درخواست تي نوازشريف ۽ ٻين نواز ليگ اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته بار بار درخواستون نه ڏيو، هڪ ئي درخواست ڪافي آهي،

عدالت درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ بعد نوازشريف، پيمرا ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 14 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*