ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته مشعال، اسما ۽ عاصمه جي قاتلن کي پڪڙڻ ۾ ناڪامي ڪي پي ڪي حڪومت جي بيڊ گورننس جو مثال آهي
ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته مشعال، اسما ۽ عاصمه جي قاتلن کي پڪڙڻ ۾ ناڪامي ڪي پي ڪي حڪومت جي بيڊ گورننس جو مثال آهي. ڪي پي ڪي پوليس جي نااهلي بابت سپريم ڪورٽ جي ريماڪس تي پي ٽي آءِ گونگي ڇو ٿي وئي آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته خيبرپختونخواهه باهه ۾ سڙي رهيو آهي، عمران خان بانسري وڄائي رهيو آهي ۽ ٻين تي الزام لڳائي رهيو آهي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف ڪڏهن ڪوتاهي يا نااهلي تسليم نه ڪئي آهي، هر وقت عدالتي ريمارڪس جا طعنا هڻندڙن پنهنجي نااهلي جو اعتراف نه ڪيو اهي.
عمران خان تي تنقيد ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته خيبرپختونخواهه سان عمران خان رشتو رڳو سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ تائين محدود آهي.
خواجا سعد رفيق چيو ته مشعال، اسما ۽ عاصمه جي قاتلن کي پڪڙڻ ۾ ناڪامي ڪي پي ڪي حڪومت جي بيڊ گورننس جو مثال آهي. ڪي پي ڪي پوليس جي نااهلي بابت سپريم ڪورٽ جي ريماڪس تي پي ٽي آءِ گونگي ڇو ٿي وئي آهي……