لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي استادن مطالبن جي مڃتا لاءِ اٺين ڏينهن به ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري وي سي خلاف خلاف ڌرڻو هنيو

larkana smbbu teachers protest

لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي استادن مطالبن جي مڃتا لاءِ اٺين ڏينهن به ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري وي سي خلاف خلاف ڌرڻو هنيو.

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، شهيد بينظر نرسنگ ڪاليج ۽ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي استادن ڊاڪٽر شيرمحمد شيخ،  ڊاڪٽر لياقت شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد يونيورسٽي جي مک گيٽ وٽ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ استادن چيو ته ڪافي وقت کان ترقيون نه ڏنيون ويون آهن ۽ نه ئي ٻيون سهولتون ڏنيون پيون وڃن.

هنن چيو ته وي سي يونيورسٽي ۾ من پسند ماڻهن کي ڀرتي ڪري رهيو آهي، جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي جي وي سي کي هٽائي ملازمن جا مطالبا مڃيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*