بنگلاديش جي ٽيم سخت مقابلي بعد اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي پول اي جي ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم تيم اقبال، مشفيق الرحيم ۽ شڪيب الحسن  جي شاندار بيٽنگ سبب هڪ دلچسپ ۽ سخت مقابلي بعد اسڪاٽلينڊ جي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر نيلسن ۾ کيڏي ويل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي 27 هين ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم جي ڪپتان مشرفي مرتضيٰ ٽاس کٽي پهرين فليڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

اسڪاٽلينڊ جي ٽيم ڪيل ڪوئيٽزر جي شاندار 156رنز جي اننگ سبب مقرره 50 اوورس ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 318رنز اسڪور ڪيون، جيڪو سندس ميگا ايونٽ ۾ سڀ کان وڏي ٽوٽل آهي.

ڪيل ڪوئيٽزر پنهنجي شاندار اننگ ۾ 17 چونڪن ۽4 ڇڪن جي مدد سان 156 رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو ۽ اها ڪنهن به اسڪاٽ لينڊ جي بيٽسمين جي ورلڊ ڪپ ۾ پهرين سنچري پڻ آهي.

 ٻين بيٽسمنن ۾ڪپتان مومسن 39، مچن 35، برينگٽن 26۽ ڪوروس 20 رنز جي اننگ کيڏي.

بنگلاديش جي ٽيم پاران تاسڪين احمد 3، ناصر حسين 2، جڏهن ته مشرفي مرتضيٰ، شڪيب الحسن ۽صابر رحمان هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

بنگلاديش جي ٽيم اسڪاٽلينڊ جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 319 رنز جو ٽارگيٽ هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد 48ڏهائي هڪ اوورس ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پوري ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

بنگلاديش جي ٽيم پاران تميم اقبال 95، محمودالله 62، مشفيق الرحيم60 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته شڪيب الحسن 52 ۽ صابر الرحمان 42 رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

اسڪاٽلينڊ جي ٽيم پاران جوش ڊاوي 2،جڏهن ته والورڊي ۽ايونز هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

اسڪاٽلينڊ جي ڪيل ڪوئيٽزر کي شاندار سنچري اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

ڪرڪيٽ ورلڊ ۾ سڀاڻي ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، جڏهن ته قومي ٽيم ست مارچ تي ڏکڻ آفريڪي ٽيم سان مهاڏو اٽڪائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*