عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

Shaikh-Rasheed-91217

عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو، شيخ رشيد چيو آهي ته وقت گذري وڃڻ بعد استعيفيٰ ڏيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، آپريشن کانپوءِ به طبيعت بهتر نه ٿي آهي، دعا ڪيو ته ٺيڪ ٿي وڃان.

عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد اپنڊيڪس جي آپريشن کانپوءِ پهريون ڀيرو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.

اجلاس کانپوءِ صحافي شيخ رشيد کان سوال ڪيو، ته اوهان پنهنجي استعيفيٰ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

صحافي جي سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته وقت گذري ويو، هاڻ استعيفيٰ ڏيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي.

هن چيو ته اپنڊڪس آپريشن کانپوءِ اڃا طبيعت ۾ بهتري نه آئي آهي، 10.2 ۽ 10.3 رهي ٿو.

 شيخ رشيد چيو ته منهنجي لاءِ دعا ڪئي وڃي ته جئين منهنجا ٽانڪا کلي وڃن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*