تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته جي ايس پي پلس جاري رکڻ لاءِ اهم ۽ اثرائتا قدم کنيا ويندا

Imran-Khan-10317

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته جي ايس پي پلس جاري رکڻ لاءِ اهم ۽ اثرائتا قدم کنيا ويندا، بين الاقوامي سهڪار ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ڪاريگرن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، اگهن کي مناسب سطح تي آڻي ڪپهه جي آبادگار  کي منافعو ڏياريو ويندو،

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته جي ايس پي پلس جاري رکڻ لاءِ اهم ۽ اثرائتا قدم کنيا ويندا،

هن چيو ته بين الاقوامي سهڪار ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ڪاريگرن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي،

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو ته اگهن کي مناسب سطح تي آڻي ڪپهه جي آبادگار  کي منافعو ڏياريو ويندو،

هن چيو ته هارين کي سهولت ڏيڻ بنا عالمي سطح تي ٽيڪسٽائيل صنعت کي هٿي نه ملندي،

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته اسان جي پاليسي صنعت کي فراهم ڪيل گيس ۽ بجلي جي اگهن کي ٺيڪ ڪرڻ آهي، ٻيو اهم نقطو اهو آهي ته سموري لاڳت تي منافعي کي يقيني بڻايو ويندو،

عمران خان چيو ته حڪومت توانائي وسيلن تي وڏا ٽيڪس هڻي صنعت کي ڏکيائن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف فيصل آباد ۾ پنهنجي ٽيڪسٽائيل پاليسي ڏني هئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*