پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ چند گرهڻ ٿي رهيو آهي، ميڊيا موجب اڄوڪو چنڊ گرهڻ “سپر بليو بلڊ مون” هوندو

chand giran

              پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ چند گرهڻ ٿي رهيو آهي، ميڊيا موجب اڄوڪو چنڊ گرهڻ “سپر بليو بلڊ مون” هوندو.

              موسميات کاتي موجب پاڪستان ۾ چنڊ گرهڻ جو آغاز 3 لڳي 51 منٽ تي ٿيندو ۽ سموري ملڪ ۾ 5 لڳي 52 منٽ تي مڪمل چنڊ گرهڻ نظر ايندو، جيڪو  7 لڳي 8 منٽ تي ختم ٿي ويندو.

            ڪراچي ۾ سپر بلڊ بليو مون جو نظارو 6 لڳي 10 منٽ، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 5 لڳي32 منٽ تي سپر بلڊ بليو مون جو نظارو ڪري سگهبو.

            سپر بلڊ بليو مون آمريڪا، روس، اتر اولهه يورپ، ايشيا ۽ آسٽريليا ۾ به ڏٺو ويندو.

             واضح رهي ته عيسوي مهيني دوران 2 ڀيرا ڏسجندڙ چوڏهين جي چنڊ کي سپر مون چيو ويندو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن چنڊ کي مڪمل گرهڻ لڳي وڃي ته ان کي بلڊ مون چيو ويندو آهي.

           دستياب معلومات موجب سپر بلڊ بليو مون جي گڏ ٿيڻ وارو واقعو 151 سال بعد رونما ٿي رهيو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*