ٽرانسپورٽ واري کاتي جي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ 4 هزار 137 ملين گاڏيون رجسٽر آهن

cm cabina ijlas

ٽرانسپورٽ واري کاتي جي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ 4 هزار 137 ملين گاڏيون رجسٽر آهن، روڊن جو وڌيڪ بهتر نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم بليو لائين انفرا اسٽرڪچر واري معاملي تي غور دوران صوبائي وزير ناصر شاهه آگاهي ڏني ته ڪراچي ۾ 4 هزار 137 ملين گاڏيون رجسٽر آهن، جنهن لاءِ روڊن جو وڌيڪ بهتر نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ روڊ جام جا مسئلا پيدا ٿيندا رهندا.

ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبي ۾ ڏاج جو رواج ختم ڪرڻ يا ان جي حد مقرر ڪرڻ بابت تيار ڪيل ترميمي بل پيش ڪيو ويو.

اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته بل موجب سنڌ ۾ ڏاج 50 هزار رپين کان وڌيڪ نه ٿيڻ گهرجي، تحفا به 50 هزار رپين کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجن.

بل موجب رخصتي وقت گهوٽ ۽ ڪنوار جا وارث ڏاج ڄاڃين کي ڏيکارڻ جا پابند هوندا ۽ انهن پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي 6 مهينا سزا ۽ ڳڙو ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو، جنهن تي وڏي وزير چيو ته اهي تجويزون لاڳو ڪرڻ تمام مشڪل آهي، اهڙو قانون جوڙيو جنهن سان ڏاج وٺڻ خراب لڳي.

مراد علي شاهه چيو ته ڏاج جو خاتمو يا غير ضروري مطالبا معاشري ۾ شعور پيدا ڪرڻ سان ئي ٿي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*