نقيب الله ۽ سندس ٻن دوستن جي قتل ڪيس ۾ شاهد، گرفتار ٽن جوابدار پوليس اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي

naqeeb ullah

نقيب الله ۽ سندس ٻن دوستن جي قتل ڪيس ۾ شاهد، گرفتار ٽن جوابدار پوليس اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، جوابدارن شاهدن پاران ڏنل بيان تي اعتراض واريو آهي.

ملير جي جڊيشل ميجسٽريٽ وٽ نقيب الله ۽ سندس ٻن دوستن جي مبينا مقابلي ۾ مارجڻ واري ڪيس ۾ شاهد ۽ جوابدار اهلڪارن کي پيش ڪيو ويو.

عدالت، اکين ڏٺي شاهد کان جوابدار اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪرائي، جنهن ۾ شاهد اهلڪار اقبال، ارشد ۽ الله يار جي سڃاڻپ ڪندي بيان ڏنو ته جوابدار سادي لباس ۾ هوٽل ۾ اندر اچي کين پڪڙي ويا هئا.

هن بيان ڏنو ته حراست ۾ وٺڻ وقت جوابدار جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف به هئي.

جوابدار الله يار بيان ڏنو ته شاهد جيڪو بيان ڏنو آهي اهو درست نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*