اسلام آباد ۾ زيادتي جو شڪار بڻيل 12 ورهين جي فلپائني نينگري واري واقعي جو ڪيس سندس پيءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو

Islamabad-Map

اسلام آباد ۾ زيادتي جو شڪار بڻيل 12 ورهين جي فلپائني نينگري  واري واقعي جو ڪيس  سندس پيءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي فرار ڪرڻ جي الزام هيٺ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد جي ڪورال ٿاڻي واري علائقي ۾ هڪ استاد 12 ورهين جي فلپائني نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻايو.

متاثر نينگري جي والد جي فرياد تي ڪورل ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.

ايف آءِ آر ۾ متاثر نينگري جي والد چيو آهي ته نينگري سان سندس استاد زيادتي ڪئي، جڏهن ته نينگري جي شهريت فلپائني آهي، سفارتخاني به گهرايو آهي.

ٻئي طرف پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي فرار ڪرڻ جي الزام ۾ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*