لاڙڪاڻي ويجهو ٻيڙو چانڊيو ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان چانڊيو تي قتل ڪيس داخل ڪرڻ خلاف چانڊيا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ويجهو ٻيڙو چانڊيو ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان چانڊيو تي قتل ڪيس داخل ڪرڻ خلاف چانڊيا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.لاڙڪاڻي ويجهو ٻيڙو چانڊيو ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان چانڊيو تي قتل ڪيس داخل ڪرڻ خلاف چانڊيا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.چانڊيا برادري جي ماڻهن فداحسين چانڊيو، مير صادق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري لاڙڪاڻي روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.احتجاج ڪندڙن چيو ته ميهڙ ۾ هڪ سازش تحت سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان چانڊيو تي ٽن ڄڻن جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي بهتر نموني سان جاچ ڪري سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ برهان جا نالا خارج ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*