بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون انتهاپسندن پاران کيس قتل جي ڌمڪين تي نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي

depika

بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون انتهاپسندن پاران کيس قتل جي ڌمڪين تي نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي، فلم پدماوت جي ڪردار تي کيس مختلف تنظيمن جي اڳواڻن طرفان ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون.

دپيڪا پڊوڪون کي فلم پدماوت ۾ راني پدمني جي ڪردار تي انتهاپسندن قتل سميت نڪ ڪٽڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون.

دپيڪا پڊوڪون طرفان ان مهل اهڙي قسم جي بيانن تي ڪو رد عمل سامهون نه آيو هيو، هاڻ فلم جي رليز بعد اداڪارا پهريون ڀيرو ان حوالي سان موقف ظاهر ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو دوران دپيڪا جو چوڻ هو ته انتهاپسندن جي ڌمڪين تي سندس والدين پريشان ٿي ويا هئا، جيڪو هڪ فطرتي عمل هو پر هُو پنهنجو خيال پاڻ رکي سگهي ٿي.

انٽرويو دوران هن فلم پدماوت تي پنهنجي والدين جي رد عمل بابت ٻڌايو ته سندس والدين فلم ۾ هن جي اداڪاري ڏٺي ته سندن اکيون ڀرجي آيون ۽ مون کانئن چوندي ٻڌو ته “ هي اسان جي ڌيءَ آهي”…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*