فاٽا ميمبرز صدارتي آرڊيننس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

فاٽا ميمبرز سينيٽ چونڊن لاءِ ووٽنگ جو طريقيڪار تبديل ڪرڻ بابت صدارتي آرڊيننس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

فاٽا جي ميمبرز بسم الله خان، شاهه جـِي گل آفريدي، ناصر خان ۽ ساجد حسن صدارتي آرڊيننس خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته صدارتي آرڊيننس جاري ڪري فاٽا جي ميمبرز سان زيادتي ڪئي وئي آهي.

درخواستگذار ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته رات جي اونڌاهي ۾ آرڊيننس جاري ڪري ووٽنگ جو طريقيڪار تبديل ڪرڻ غير قانوني آهي.

درخواست جي ٻڌڻي فوري طور ڪرڻ ۽ صدارتي آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*