وفاقي وزير امير زمان بخاري چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪجهه ماڻهو نٿا چاهين ته چونڊون مقرر وقت تي ٿين

ameer zaman sukkur

وفاقي وزير امير زمان بخاري چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪجهه ماڻهو نٿا چاهين ته چونڊون مقرر وقت تي ٿين، تنقيد ادارن تي نه پر فيصلن تي ٿيڻ گهرجي.

سکر ۾ پوسٽل سروس کاتي جي ملازمن ۾ موٽرسائيڪلون ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير امير زمان بخاري چيو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلين جون چونڊون مقرر وقت ٿيڻ گهرجن.

هن چيو ته بلوچستان ۾ صوبائي حڪومت جي تبديلي نواز ليگ وارن ئي ڪرائي آهي.

امير زمان بخاري چيو ته پوسٽل سروس کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، چين جي سهڪار سان ماڊل پوسٽ آفيسون ٺاهيون وينديون.

هن چيو ته ادارو نقصان ۾ ناهي،24 ڪلاڪن دوران 5 ارب روپين جو ڪاروبار ٿئي ٿو، ملازمن جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪري رهيا آهيون.

وفاقي وزير امير زمان بخاري چيو ته پوسٽ مين کي موٽرسائيڪل ملڻ سان خط پهچائڻ واري عمل ۾ بهتري اچي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*