صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ حڪومت رائو انوار جي گرفتاري لاءِ پوليس سان مڪمل سهڪار ڪري رهي آهي

Sohail-Anwar-Siyal-311017

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ حڪومت رائو انوار جي گرفتاري لاءِ پوليس سان مڪمل سهڪار ڪري رهي آهي، پوليس انتظار جي ڪيس کي غلط طريقي سان ڏٺو.

ڪراچي ۾ سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته هنن رائو انوار کي معطل ڪيو ۽ سنڌ پوليس به رائو انوار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي.

هن چيو ته سنڌ پوليس انتظار جي جي آءِ ٽي لاءِ غلط طريقو اختيار ڪيو هو، جيئن ئي جي آءِ ٽي لاءِ قانوني طريقي سان درخواست ڏني ويندي ان تي فوري طور عمل ڪيو ويندو.

سهيل انور سيال چيو ته هو نقيب ڪيس ۾ ٿيل اڳڀرائي مان مطمئن نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*